نوابشاھ

 شهر جي مــتـعـلق ڪجهه  تاريخي

 روايـتـون ۽ اهـــم مــعــلـــومــات

 

جيئن ته بيهڪ جي لحاظ کان اسانجي سونهاري سنڌ جو نقشو پنجن ڀاڱن تي مشتمل آهي. اتر، وچولو، لاڙ، ڪوهستان ۽ ريگستان. جڏهن ته (نواب شاھ) شهر جي اهميت ان ڪري به آهي جو (نواب شاھ) ضلعو سنڌ جي سينڌ وانگر وچولي ۾ واقع آهي. وچوليءَ سنڌ جو هي سرسبز ۽ شاداب ضلعو آهي ۽ پيداوار ۽ آباديءَ جي لحاظ کان پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿو.

هن شهر تي (نواب شاھ) نالو سنڌ جي قديم روايتن ۽ رواج موجب ڳوٺ جي وڏي،چڱي مڙس، سردار ۽ زميندار جي نالي پيو. اها ڳالهه واضح آهي ته  سنڌ جي متعلوي سادات مان هڪ سيد (نواب شاھ) سندس ڄم جي متعلق ڪا تصديقي ڄاڻ ته نه ملي سگهي آهي، پر سندس وفات سنه 1904ع بمطابق ١۳۲۲هجري آهي هڪ بااثر شخص ٿي گذريو آهي. سندس تعلق  نواب شاھ مٽياري سادات جي سنائي شاخ جي (اميناڻي) پاڙي سان هو. ان سيد نواب شاھ جي نالي پويان ئي شهر (نواب شاھ) سڏجڻ لڳو. جنهن جو واضح ثبوت سندس پونير هيئنر به نواب شاھ ۾ رهائش پذير آهن ۽ (نواب شاھ هائوس) بطور يادگار اڄ به  وچ شهر۾ موجود آهي.

          ميرن جي صاحبيءَ جي پوئين زماني ۾ سر چارلس نيپيئر 1843ع ۾ سنڌ کي فتح ڪيو. انگريزن سنڌ جو انتظامي نظام هلائڻ ۽ جوڙ جڪ واسطي سنڌ کي ان وقت ٽن مکي ضلعن ۾ ورهايو جن ۾ ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور شامل هئا. ان بعد سنڌ جي صوبائي حيثيت ختم ڪري سنڌ کي بمبئي  پريزيڊينسي ۾ شامل ڪري ڇڏيو.

          هڪ ٻي ڳالهه به مشهور آهي ته هن علائقي مان نصرت ڪئنال وهڻ ڪري هن شهر (نواب شاھ) کي پهريان نصرت تعلقي جو صدر مقام بنائي (نواب شاھ) کي تعلقي جي حيثيت ڏني وئي. مطلب تہ پهريان (نواب شاھ) نصرت تعلقي ۾ هو ۽ نصرت تعلقو (نواب شاھ) سميت حيدرآباد ضلعي جي انتظام هيٺ هو.

          انگريزن سنڌ جي وچ تي واقع هئڻ ڪري (نواب شاھ) جي مرڪزي حيثيت کي نظر ۾ رکندي 1912ع ۾ ضلعي جو درجو ڏئي هيڊ ڪوارٽر بڻايو. ضلعي جو پهريون ڪليڪٽر مسٽر حامد علي مقرر ڪيو ويو. ضلعي انتظام اڪلائڻ ۽ آفيسن جي ٺهڻ واسطي سيد (نواب شاھ) جي فرزند سيد ٻڍل شاھ  پنهنجي ذاتي زمين جيڪا اٽڪل سٺ ايڪڙ هئي سا انگريز سرڪار کي مفت ڏني. جتي ڪليڪٽر جي ڪچهري، درٻار هال ۽ ٻيون سرڪاري عمارتون تعمير ٿيون. ائين ماڻهو ٻهراڙين مان لڏي ڪري شهر ۾ اچي آباد ٿيڻ لڳا. جنهن ۾ سڀ کان پهريان ريلوي اسٽيشن، تعليمي ادارا، شهر جو هوائي اڏو، اسپتال ۽ ڪارخانن جي تعمير جو ڪم شروع ڪيو ويو ۽ اهڙيءَ طرح (نواب شاھ)  شهر جو ٻين شهرن سان واپار جو سلسلو به شروع ٿيو.

          جديد تحقيق مان حاصل ٿيندڙ ڄاڻ مطابق (نواب شاھ)  ڳوٺڙي مان وڌي شهر ڪجهه هن ريت ٿيو. (نواب شاھ) جو ڳوٺ سنه1800ع کان اڳ ڪلهوڙن جي آخري دور يا ميرن جي شروعاتي دور ۾ آباد ٿيل ڏسجي ٿو. ان ڳالهه  لاءِ هڪ روايت هي آهي ته  انگريز ڊسمبر 1831ع ۾ هندستان مان سفر ڪري سنڌ ۾ (نواب شاھ) جي ڳوٺ پهتا. ليفٽينينٽ اي ڊبليو سٽ سرويئر پنهنجي رپورٽ (سنڌ مهم) ۾ ڄاڻايو آهي ته  27 فيبروري 1832ع ۾ اسان (نواب شاھ)  ڳوٺ پهتاسون. جتي صرف ٽي دڪان هئا ۽ ٽي سئو ماڻهن جي آبادي هئي.

          جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته سيد (نواب شاھ) کان اڳ شايد ڪنهن ٻي پير فقير (نواب شاھ نالي) اهو ڳوٺڙو انگريزن ڏٺو هوندو.

برحال هن ڳالهه ۾ ڪو خاص وزن نه آهي. هن وقت (نواب شاھ) چئن تعلقن تي مشتمل ضلعو آهي. جنهن ۾ تعلقه سڪرنڊ، تعلقه دولتپور، تعلقه دوڙ ۽ خود تعلقه نواب شاهہ شامل آهي.